اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته عام چونڊن ۾ شهرين جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي ۽ ان کي کليل دل سان تسليم ڪيو وڃي.هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي مبارڪون هجن جن جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ووٽ ڏنو خاص طور تي عورتن کي جيڪي سخت مشڪلاتن باوجود وڏي انگ ۾ ٻاهر نڪتيون.عارف علوي چيو ته ماضي جي تلخين کي ختم ڪرڻ لاءِ حقيقي مينڊيٽ جي ضرورت هئي جيڪو نظر اچي رهيو آهي، سياستدان، سندن پارٽيون ۽ ادارا الله جي موڪليل موقعي مان فائدو وٺن.