لاهور(م ڊ)استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ ۽ ڪامياب ٿيل اميدوار عليم خان ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته زرداري صاحب! سڌو ميمبر(پي ٽي آءِ جا آزاد ميمبر) نه خريد ڪريو، توهان کي مهانگو پئجي ويندا! قيدي نمبر 804 سان هول سيل ڊيل ڪريو.هو 20 هزار رپين جو قالين 200 ۾ وڪڻڻ وارو آهي.
بلوچستان ۾ حڪومت سازي:ثناءُ الله زهري اسلام آباد پهچي ويو
اسلام آباد(م ڊ) بلوچستان ۾ حڪومت سازي جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ نواب ثناءُ الله زهري اسلام آباد پهچي ويو.نواب ثناءُ الله زهري پ پ چيئرمين آصف زرداري کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ اعتماد ۾ وٺندو.پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت بلوچستان جي وڏي وزير بابت حتمي نالي جو اعلان ڪندي.
فارم 45 ۽ 47 اليڪشن ڪميشن ويب سائيٽ تي اپ لوڊ نه ٿيڻ تي سوال اٿڻ لڳا
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جي هر تڪ جو فارم 45 ۽ فارم 47 پنهنجي آفيشل ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ ۾ دير تي سوال اٿاريا آهن.ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾، هن چيو ته چونڊ نگران سازش جي الزامن کي رد ڪرڻ لاءِ ڊيٽا کي اپ لوڊ ڪري پئي سگهيو.