لياري ۾ جشن ملهائيندي پ پ ڪارڪن پاڻ ۾ وڙهي پيا، 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي(رپورٽر)لياري ۾ پيپلزپارٽي جي عام چونڊن ۾ سوڀ تي جشن ملهائڻ دوران ٻن گروپن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 4 ڪارڪن  زخمي ٿي پيا، چاڪيواڙه نمبر 2 شيل پيٽرول پمپ ويجهو پيپلزپارٽي جي سوڀ جي خوشي ۾ جشن دوران ڪارڪن  پاڻ ۾ وڙهي پيا، جنهن ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا،  زخمين ۾ سول اسپتال پهچايو ويو، جتي ڪارڪن هڪ ٻيهر پاڻ ۾ وڙهي پيا، ان دوران اڻڄاتل هٿياربندن   سول اسپتال ٽراما سينٽر ۾ ڇتي  فائرنگ شروع ڪري ڏني، جڏهن ته  خوش قسمتي سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو،   اطلاع ملڻ تي پوليس اٽالا اسپتال پهچي حالتن جي ڪنٽرول ڪيو،  جهيڙي ۾ زخمين جي سڄاڻپ 30 ورهين جو گل حميد ولد گل  حڪيم، 26   ورهين جو محمد علي ولد محمد رمضان، 42 ورهين جو محمد ياسين ولد عدالت خان ۽ 33 ورهين جو امير علي ولد جمع خان جي نالن سان ڪئي وئي، سمورا زخمي پ پ جا ڪارڪنن ٻڌايا وڃن ٿا، جنهن کان پوءِ پ پ جي هڪ گروپ سول اسپتال برنس وارڊ ويجهو چوڪ تي ڌرڻو هڻندي رستي تي ٽائر ساڙيا ۽ سول اسپتال ايندڙ ويندڙ رستن کي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي، فائرنگ  ۾ ڀڃ ڊاهه دوران عيدگاهه ٿاڻي جي پوليس موجب هئي، پر پوليس خاموش نظر آئي، مظاهرو ڪندڙن پيپلزپارٽي ڪراچي جي صدر نثار کهڙو ۽ اعليٰ قيادت کان گهر ڪئي ته پ پ ڊسٽرڪٽ ڏکڻ جي صدر خليل هوت کي سندس عهدي  تان هٽائي ان جي ۽ سندس ٻين ساٿين جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.