پسني ۾ 12 اٺن تي سٿيل چرس سان ڀريل 75 ٻوريون ضبط

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان ڪوسٽ گارڊز پسني ( بلوچستان) جي علائقي ملاشيب ( ايم ايس -2) مان منشيات اسمگل ٿيڻ جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 852 ڪلو گرام اعليٰ ڪوالٽي جو چرس هٿ ڪري ورتو، پسني جي   علائقي ايم ايس 2 ۾ اٺن تي  لوڊ چرس لانچ ۽ اسپيڊ بوٽ  جي ذريعي ٻاهرين ملڪ اسمگل ٿي رهي هئي. پاڪستان ڪوسٽ گارڊز پيٽرولنگ ٽيم ڪارروائي ڪندي 12 اٺ، لانچ، اسپيڊ   بوٽ ۽ 852 ڪلو گرام اعليٰ ڪوالٽي جو چرس قبضي ۾ وٺي وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي، پڪڙيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ رقم 14.21 ملين ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي.

سنڌ فوڊ اٿارٽي 6 هزار فوڊ هينڊلرز کي تربيت ڏني آهي:  آغا فخر حسين

ڪراچي (رپورٽر)  ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي سهڪار سان فوڊ هينڊلرز کي تربيت فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن فوڊ هينڊلرز حفظان صحت جي اصولن موجب  کاڌي پيتي جي شين کي هٿي وٺرائي سگهن. سنڌ فوڊ اٿارٽي هن وقت تائين 6000 فوڊ هينڊلرن کي ٽريننگ ڏني آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بحيثيت مهمان خاص بيچ لگزري ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ انٽرنيشنل چين اسٽور جي سهڪار سان ”فوڊ سيفٽي اينڊ هائيجين ٽريننگ فار فوڊ هينڊلرز“ جي هڪ ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سنڌ فوڊ اٿارٽي مسعود ڀٽو، ڊاڪٽر غفران، شيف مقيم سومرو، سينيئر هيڊ آف آپريشن ميٽرو مسٽر ٿيرو، زوهيب جميل، عمران شميم، صولت حسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تربيتي ورڪشاپ ۾ اٽڪل 200 فوڊ هينڊلرز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو ته ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ هر شعبي ۾ تربيت ضروري آهي ۽ هن ٽريننگ ذريعي فوڊ هينڊلرز صفائي سٿرائي کي بهتر بڻائي سگهن ٿا ۽ کاڌي پيتي جي شين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صحت جي اصولن موجب هينڊل ڪري سگهندا. هن چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي مستقل بنيادن تي تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪندي رهندي ۽ ان جو مقصد صوبي جي عوام کي صحت جي اصولن مطابق کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ آهي. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين تربيتي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.

پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شيرزمان پاران گهر تي پوليس چڙهائي جي دعويٰ

ڪراچي(رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته گذريل رات پوليس موبائلون گهر تي آيون هيون جڏهن ته شور ڪرڻ تي پوليس وارا واپس هليا ويا ڪراچي ڊفينس فيز 6 ۾ گهر تي پوليس ڇاپي جي معاملي تي خرم شير زمان ٻڌايو ته رات اڍائي وڳي 4 موبائلون گهر تي آيون هيو، موبائلن ۾ 10 کان 12 ساده لباس وارا اهلڪار هئا ۽ ٻيا پوليس وارا هئا، هن ٻڌايو ته گهر ٻاهران لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرا کي به ٽوڙيو ويو آهي، خرب شير زمان چيو ته زال مٿان شور ڪيو ته ڇو آيا آهيو ۽ ڇا گهرجي ٿوري دير کان پوءِ پاڙي وارا ٻاهر نڪري آيا ۽ شور ٿيڻ تي پوليس اهلڪار واپس هليا ويا.

 پرڏيهي آفيس پاران  ايران ۾ 9 پاڪستانين جو قتل فيڪ نيوز قرار

 اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايران ۾ 9 پاڪستانين جي قتل جي اطلاع تي فيڪ نيوز قرار ڏئي ڇڏيو، ممتاز زهرا بلوچ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي فيڪ نيوز الرٽ جاري ڪيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هي گذريل مهيني  ايران ۾ 9 پاڪستاني شهرين جي موت جي پراڻين خبرن جي ريسائڪلنگ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.