دنيا جو پهريون اي آءِ ٻار تيار

ڏسڻ ۾ ڪنهن ٻار جيان نظر ايندڙ هي ڊجيٽل اواتار حقيقت ۾ هٿرادو ذهانت اي آي ٽيڪنالاجي ۾ وڏي اڳڀرائي آهي.

ٽونگ ٽونگ (ان جو مطلب ننڍي ڇوڪري آهي) کي دنيا جو پهريون اي آءِ چائلڊ قرار ڏنو ويو آهي جنهن کي سائنسدانن تيار ڪيو آهي.

بيجنگ انسٽيٽيوٽ فار جنرل آرٽيفيشل انٽيليجنس (بي آءِ جي اي  آءِ ) جي سائنسدانن ان کي تيار ڪيو ۽ سندن چوڻ آهي ته اي آءِ ڇوڪري پاڻ شيون سکڻ ۽ پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول جي کوج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

انهن جي دعويٰ آهي ته ٽونگ ٽونگ جذبا به ظاهر ڪري سگھي ٿي.

هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽونگ ٽونگ ڪنهن 3 ورهين جي ٻارڙي جيان خوشي، ڪاوڙ يا افسوس جو اظهار ڪري سگھي ٿي.

ان اي آءِ چئلڊ کي بيجنگ ۾ ٿيل اي آءِ ڪانفرنس دوران متعارف ڪرايو ويو.

ٽونگ ٽونگ جو جسم ٻين روبوٽس جيان نه آهي پر اُها ورچوئل ماحول ۾ رهندي حقيقت دنيا جي ماڻهن سان رابطو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

ان ڪانفرنس دوران ماڻهن پاڻ ٽونگ ٽونگي سان ڳالهائي ان کي ڪجهه ڪم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.

پر ان جي خاص ڳالهه مختلف ڪمن جي ذميواري پاڻ سنڀالڻ آهي.

اي آءِ چيٽ بوٽس جهڙوڪ جي پي ٽي يا ٻيا ان وقت جواب ڏيندا آهن جڏهن انهن کي ڪجهه ڪرڻ جو چيو ويندو آهي ۽ پاڻمرادو ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت ناهن رکندا.

اڃا اهو به واضح ناهي ته ٽونگ ٽونگ پاڻ ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت ڪيتري آهي، پر سائنسدانن موجب اها ٻين اي آءِ مادلز کان وڌيڪ خودمختيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.