اين اي 121 تان ڪامياب پي ٽي آءِ لاهور جو جنرل سيڪريٽري ن ليگ ۾ شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور مان چونڊيل ايم اين اي ۽ تحريڪ انصاف لاهور جو جنرل سيڪريٽري وسيم قادر ن ليگ ۾ شامل ٿي ويو.
پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار وسيم قادر اين اي 121 ۾ ن ليگ جي روحيل اصغر کي شڪست ڏني هئي.
لاهور ۾ وسيم قادر ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز سان ملاقات ڪري پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
وسيم قادر ن ليگ قائد نواز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته تڪ جي عوام ۽ دوستن جي مشاورت سان ن ليگ ۾ شامل ٿي رهيو آهيان.
ان موقعي تي مريم نواز، وسيم قادر جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ کيس مبارڪباد ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.