ن ليگ ۽ پ پ سان رابطن تي پي ٽي آءِ جو پنهنجي ميمبرن خلاف ايڪشن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۽ پ پ سان رابطن تي پي ٽي آءِ پنهنجي حمايت يافته ڪامياب اميدوارن کان استعيفائون ۽ حلف ناما گهري ورتا.
ذريعن موجب پ پ ۽ ن ليگ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 20 کان وڌيڪ ميمبرن سان رابطا ڪيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رابطن کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ گوهر خان، عمير نيازي ذريعي ميمبرن کان استعيفائون ۽ حلف ناما گهريا آهن.
ذريعن موجب استعيفائون ۽ حلف ناما وٺڻ جو مقصد آزاد ميمبرن کي وفاداريون تبديل ڪرڻ کان روڪڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.