گهوٽيتن طرفان ڏاج جي گُهر تي گهوٽ ڪنوار کي ڀڄائي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڏاج جي گهر پوري نه ڪرڻ تي گهوٽيتن طرفان شادي کان انڪار تي گهوٽ ۽ ڪنوار تقريب مان فرار ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو بنارس شهر ۾ پيش آيو، جتي تقريب دوران گهوٽيتن ڪنواريتن کان ڏاج جو مطالبو ڪيو ۽ ڪجهه شيون ٻڌايون.
ڪنواريتن طرفان جڏهن ڏاج جي گهر پوري نه ڪئي وئي ته گهوٽيتن شادي کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو پر گهوٽ ۽ ڪنوار هڪٻئي کي پسند ڪندا هئا، هنن گهروارن جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ تقريب مان ڀڄي ويا.
گهوٽ ۽ ڪنوار جي هڪ وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ٻئي بائيڪ تي سوار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.