لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ نئون ديرو باءِ پاس تي عاطف هوٽل ٻن سياسي ڌرين ۾ جهيڙو ۾ اي آءِ سميت 3 ڄڻا قتل جڏهن ته ڊي ايس پي سميت 6 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
ڏاهاڙي ۽ چانڊيا ڌر ۾ فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب محمد حسن چانڊيو، عمران ڏاهاڻي ۽ گشت ڪندڙ ماهوٽا ٿاڻي جو اي ايس آءِ بشير احمد شاهه مارجي ويا جڏهن ته ڊي ايس پي بشير احمد شر سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻي پاسي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختيار کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي.
لاڙڪاڻو: ٻن سياسي ڌرين ۾ جهيڙو، اي ايس آءِ سميت 3 ڄڻا قتل، وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو
You might also like