ڊي جي خان ۾ مقابلو، 3 ڌاڙيل مارجي ويا، هڪ پوليس اهلڪار شهيد

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا غازي خان ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا، جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار به شهيد ٿي ويو.
پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ڪوٽ مبارڪ جي علائقي ۾ ٿي، لادي گينگ جي ماڻهن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، پوليس جي پهچڻ تي ڌاڙيلن فائرنگ ڪري ڏني.
اختيارين ٻڌايو ته پوليس طرفان به جوابي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا، جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.