وهاج علي سان محبت ٿي وئي آهي: ڀارتي اداڪارا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا ريم شيخ انڪشاف ڪيو آهي ته هو مشهور پاڪستاني اداڪار وهاج علي سان محبت ڪري ٿي ۽ زندگي ۾ هڪ ڀيرو ساڻس ملاقات ڪرڻ چاهي ٿي.

ڀارتي اداڪارا ريم شيخ پنهنجي نئين ڊرامي جي مشهوري لاءِ ساٿي اداڪارن سان هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پاڪستاني اداڪار سان ملڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

پروگرام جي هڪ سيگمينٽ ۾ ريم شيخ کان سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن کيس ڪڏهن عدالت ۾ ڪنهن اداڪار جو دفاع ڪرڻو پوي ته هو ڪنهن جو دفاع ڪندي؟ ان سوال جي جواب ۾ ڀارتي اداڪارا وهاج علي جو نالو وررتو.

ريم شيخ چيو ته مان وهاج علي جو دفاع ڪنديس ۽ مان ان ڪيس ۾ وهاج علي سان ملاقات ڪرڻ لاءِ پاڪستان وينديس پوءِ هو به مون سان ملڻ ڀارت ايندو.

هن انڪشاف ڪيو ته هو وهاج علي سان محبت ڪري ٿي ۽ سندس زندگي جي خواهش آهي ته هو ساڻس هڪ ڀيرو ضرور ملي.

ريم شيخ جي اها وڊيو ڪلپ پاڪستان ۾ تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، تبصرا ڪندي ڀارتي واهپيدارن به خوشي جو اظهار ڪيو آهي ۽ کيس مبارڪون ڏنيون آهن.

ان کان اڳ ريم شيخ وهاج علي جي سالگرهه تي سندس اسٽوري به لڳائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.