ڪراچي: هٿياربند واڙي تان 94 مينهون ۽ ڳئون ڪاهي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هٿياربند واڙي تان ڪروڙين رپيا ماليت جون 94 مينهون ۽ ڳئون ڪاهي ويا.
ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ هٿياربند ڊيري فارم تان ڪروڙين رپيا ماليت جون 94 مينهون ۽ ڳئون ڪاهي ويا، جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
فريادي موجب 20 کان 25 هٿياربندن واردات ڪئي، جوابدارن وٽ ڪلاشنڪوف، رپيٽر ۽ پسٽل هئا، جوابدار 3 ٽرڪن ۾ آيا ۽ مالڪ ۽ ملازمن کي رسن سان ٻڌي ڇڏيو.
ايف آءِ آر موجب هٿياربند رات جي اونداهي ۾ واردات ڪري فرار ٿي ويا، ڪاهيل مينهن جي قيمت ڪروڙين رپيا ٿئي ٿي، جڏهن ته جوابدار ڍورن سان گڏ هڪ ملازم کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.