اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۾ 8 ۽ 9 فيبروري تي ٻه چونڊون ٿيون، هي پاڪستان جون سڀ کان تڪراري چونڊون آهن.
صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ ٻه چونڊون ٿيون آهن، 8 فيبروري تي پي ٽي آءِ باني کٽيو، جڏهن ته 9 فيبروري جي چونڊ ۾ نواز شريف کي کٽرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته ڪمال ٿي ويو، اسان بيٽ بنا ڊبل سينچري ڪراس ڪري وياسين، تحريڪ انصاف کي خيبر پختونخواهه، پنجاب ۽ مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ ڏني وڃي.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف ووٽ بنا وڪٽري اسپيچ ڪري ڇڏي، اسان 9 فيبروري وارو نتيجو رد ٿا ڪيون، سڄي دنيا 9 فيبروري وارو نتيجو رد ڪري ڇڏيو آهي.
بابر اعواڻ مطالبو ڪيو ته تحريڪ انصاف باني کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ صدر پنهنجو معافي جو اختيار استعمال ڪري.
You might also like