جنسي زيادتي معاملو: هنگري جي صدر لائيو اچي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

بڊاپيسٽ (ويب ڊيسڪ) هنگري جي پهرين عورت صدر کي ٻارن سان جنسي زيادتي جي ڪيس ۾ سزا يافتا جوابدار جي معافي جي درخواست قبول ڪرڻ تي ٿيل عوام احتجاج سبب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻي پئي.

عالمي خابرو اداري موجب هنگري ۾ واقع هڪ چلڊرن هوم جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ٻارن سان پنهنجي باسز جي جنسي زيادتي جي ڪيسز کي لڪائڻ ۽ ان فعل کي تحفط فراهم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي.

گذريل سال اپريل ۾ جڏهن پوپ فرانسس هنگري جو دورو ڪيو هو ته ان دوران ٻارن سان جنسي زيادتي ڪيس ۾ جوابدار جي سزا معاف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

هاڻي اهو واضح ناهي ته سزا معافي جي ان تڪراري فيصلي تي پوپ فرانسيس اثرانداز ٿيو هو يا نه پر ان فيصلي بابت ڳالهه نڪرڻ تي اپوزيشن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو هو.

جڏهن جوابدار جي آزادي جو اعلان ٿيو ته احتجاج ۾ تيزي اچي وئي ۽ صدر تي استعيفيٰ ڏيڻ جو دٻاءُ وڌي ويو، صدارتي آفيس ۽ گهر سامهون احتجاجي مظاهرا ٿيا.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته صدر فوري طور تي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ۽ اڄ قطر جي دوري تان واپسي تي 46 سالن جي صدر نوواڪ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته مون کان وڏي غلطي ٿي وئي.

هنگري جي صدر وڌيڪ چيو ته مان سڀني ماڻهن کان معافي گهران ٿي جن کي ان سان تڪليف پهتي ۽ سڀني متاثرن کان معافي گهران ٿي جن بابت اهو تاثر هو ته مان انهن جو ساٿ نه ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.