پ پ ۽ ن ليگ ۾ رابطن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ ۽ ن ليگ ۾ حڪومت سازي لاءِ رابطن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب ن ليگ طرفان پ پ کي 3 آئيني عهدن جي آڇ ڪئي وئي، پ پ کي صدر، قومي اسيمبلي اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين جي آڇ ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ بلوچستان جي وزارت اعليٰ لاءِ پ پ جي خواهش تي راضي آهي، جڏهن ته پ پ پنجاب ۾ وڏي عهدي جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.
ذريعن موجب ن ليگ پنجاب ۾ پ پ کي ڊپٽي وزيراعليٰ يا سينيئر وزير ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي پر پ پ پنجاب ۾ ن ليگ جي ڏنل آڇ تي اڃا راضي ناهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي جماعتون پنهنجي سي اي سي سان مشاورت کانپوءِ حتمي ڳالهه ٻولهه ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.