آمريڪي ڪانگريس ميمبرن پاران چونڊن بابت شفاف جاچ جو مطالبو

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي ڪانگريس جي ڪجهه ميمبرن پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن جي شفافيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. الهان عمر جو چوڻ آهي ته آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ کي پاڪستان جي چونڊن کي ان وقت تائين تسليم نه ڪرڻ گهرجي جيستائين بدانتظامي جي ڪيترن ئي الزامن جي معتبر ۽ آزاد جاچ نه ٿي ٿئي. آمريڪي قانون ساز الهان عمر  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته پاڪستان ۾ هن هفتي ٿيندڙ چونڊن ۾ مداخلت جي خبرن تي سخت پريشان آهيان. هن لکيو ته ڪنهن به ايندڙ حڪومت جي ساک جو دارومدار منصفاڻي چونڊن تي هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو عوام هڪ شفاف جمهوري عمل ۽ حقيقي نمائنده حڪومت کان گهٽ ڪنهن به ڳالهه جو حقدار ناهي. آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر جيسمين ڪراڪٽ به پاڪستان جي چونڊن ۾ بدانتظامي جي الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جاچ جي ضرورت تي زور ڏنو. آمريڪي ڪانگريس ميمبر وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام جي خواهشن جو احترام ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.