صدر عارف علوي به چونڊ نتيجن تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون (اي وي ايم) هجن ها ته پاڪستان بحران کان بچي وڃي ها. سوشل ميڊيا  تي جاري ڪيل بيان ۾ صدر عارف علوي عام چونڊن جي نتيجن ۾ دير تي چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن لاءِ اسان جي ڊگهي جدوجهد کي ياد رکو. هن چيو ته هڪ اي وي ايم ۾ ڪاغذي بيلٽ هوندا هئا جيڪي هٿ سان ڳڻيا ويندا هئا (جيئن اڄ به ڪيو ويندو آهي) پر ان سان گڏ هڪ سادو اليڪٽرانڪ ڪائونٽر به هو جيڪو هر ووٽ لاءِ دٻايل بٽڻن جي ڳڻپ ڪري سگهي پيو. صدر چيو ته چونڊون ختم ٿيڻ جي 5 منٽن ۾ هر اميدوار جو نتيجو سامهون اچي وڃي ها ۽ ڇپجي وڃي ها، اسان جون سموريون ڪوششون، جن لاءِ ايوان صدر ۾ 50 کان وڌيڪ اجلاس ٿيا هئا، ناڪام ٿي ويا. جيڪڏهن اڄ اي وي ايم هجي ها ته منهنجو پيارو پاڪستان هن بحران مان بچي وڃي ها. ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پولنگ کان پوءِ نتيجن جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.