حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي چيئرمين، نامياري دانشور ۽ ڏاهي عبدالواحد آريسر جي فليٽ تي قبضي جي ڪوشش واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن فليٽ تي پهچي عبدالواحد آريسر جي نياڻي اندرا سان ملاقات ڪري کيس آٿت ڏني، ڪالهه انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي سنڌ جي چيئرمين قاضي خضر، سينيئر صحافي سهيل سانگي، ڊاڪٽر امداد چانڊيو، ڊاڪٽر خوشحالداس، سليم جروار، انجنيئر پرديپ ڪالاڻي، فهيم نوناري، تاج جويو ۽ ٻين عبدالواحد آريسر جي نياڻي اندرا آريسر کي آٿت ڏيندي يقين ڏياريو ته ايڇ آر سي پي سميت سنڌ جا سمورا ساڃاهه وند ماڻهو هر مرحلي تي هن سان گڏ هوندا ۽ هوءَ پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي، ياد رهي ته عبدالواحد آريسر جي نياڻي اندرا آريسر سندس والد جي لاڏاڻي کانپوءِ 2015ع کان بند پيل فليٽ ۾ گذريل سال پنهنجن ٻارڙن جي تعليم لاءِ ڳوٺ کان لڏي اچي رهائش اختيار ڪئي هئي پر ڪجهه ڏينهن کان اڻڄاتل ماڻهو اچي فليٽ خالي ڪري وڃڻ جون کيس ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.