ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بلدياتي ادارن ڪم ڪيو آهي ته ڪراچي جي شاهراهن تان پاڻي صاف ٿيو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته حافظ نعيم الرحمان ۽ مصطفيٰ ڪمال جي لاءِ مختلف ۽ منهنجي لاءِ ڪراچي مختلف آهي، ايم اي جناح روڊ ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ جي خراب حالت هئي، اڄ ڪليئر آهي، مختلف علائقن ۾ گهٽين ۾ پاڻي آهي، ڪي ايم سي کي مدد جي هدايت ڪئي آهي، ڪمرن ۾ ويهي تنقيد ڪرڻ آسان آهي، اسان رستن تي ڪم ڪري رهيا هئاسين، رستي تي هئاسين، جماعت اسلامي جو ٽائون چيئرمين نظر نه آيو، هڻ پاڻ تي اليڪشن ڪميشن طرفان ڏنڊ بابت لاتعلقي ڪندي ٻڌايو ته 26 جنوري تي مون کي اليڪشن ڪميشن نوٽيس آيو ۽ مون 27 جنوري تي جواب ڏنو، مون کي هاڻ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيس نوٽيس موڪليو جنهن جي مون کي خبر ئي نه هئي، مون مٿان 50 هزار رپين جو ڏنڊ لڳايو ويو، خبر ناهي ته هُن کي مون کان ڪهڙو مسئلو آهي.