ملڪ ۾ چونڊون طاقتور قوتن جي ڪنٽرول ۾ رهن ٿيون: زين شاهه

سن (ن ع آ) سيد زين شاھ قافلي جي صورت ۾ مانجھند پهتو ، هر هنڌ شاندار استقبال، لاکا جلسي ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، جي ڊي اي اميدوار ۽ ايس يو پي صدر سيد زين شاھ آمري پُل تي پهتو، هُن جي شاندار آجيان  ڪئي وئي،  سيد زين شاھ جي ايس يو پي جي ورڪن مختلف راڄ ڀاڳ توڙي عام شهرين مختلف شهر ڳوٺن جن ۾ وڏا ڇڇر، ڪلري ، شالماڻي ، سرائي سولنگي ، خاصخيلي ، بٺو ، مانجھند ۾ وڏي جوش جذبي سان سيد جي قافلي جي گلن جي پتين سان شاندار آجيان ڪئي، جلسي ۾ جسقم جي سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، روادار تحريڪ اڳواڻ پنهل ساريو، ايس يو پي ليڊيز ونگ اڳواڻ ياسمين ٿيٻو، ايس ٽي پي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي جلسي کي سيد زين شاھ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اهو واحد ملڪ آهي جنهن ۾ اليڪشنون طاقتور قوتن جي  ڪنٽرول ۾ رهن ٿيو، جنهن جي ڪري سليڪٽنڊ اميداور آندو وڃي ٿو، اقتدار ۽ پئسي جي لالچ ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي وسيلن کي وفاق جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ملڪ جا ٻه اڍائي سئو ماڻهو سنڌ کي لٽين ڦرين پيا، اسان سنڌي قوم جي ٻڌي خوشحالي ڏسڻ چاهيون ٿا، سائين جي ايم سيد اهو ٻڌائي ويو آهي ته سنڌي هڪ قوم آهن  ان  قوم کي پيپلزپارٽي اڳواڻ پاڻ وڙهائيندو، برسات حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري عوام جي لاءِ  رحمت بڻجڻ بدران زحمت بڻجي ٿي، سيد منير حيدر شاھ خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي حڪمرانن جيڪي وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون ته اسان سنڌ ۾ وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن انهن پيپلزپاٽي جي حڪمرانن جا پول پوندڙ برسات پڌرا ڪيا آهن حڪومت جو ڪم عوام کي بينادي سهولتون ڏيڻ هوندو آهي امن بحال ڪرڻو هوندو آهي پر ڄامشوري ضلعي جا ماڻهون بدامني جي باھ ۾ سڙي رهيا آهن ، عوام کي ڪو به حق ناهي مليل ، عوام جي حقن جا پئسا به عملدارن جي 40 سيڪڙو ڪميشن ڏيڻ کان سواءِ نه ٿو ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.