عبدالواحد آريسر جي فليٽ تي قبضي جي ڪوشش، ڌمڪيون

حيدرآباد(رپورٽر) نامياري دانشور ۽ ڏاھي جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي چيئرمين عبدالواحد آريسر جي حيدرآباد واري فليٽ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش جا اطلاع آھن، فليٽ ۾ رھندڙ عبدالواحد آريسر جي نياڻي اندرا کي ھڪ اڻڄاتل ماڻھو اچي فليٽ خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي. ان سلسلي نامياري اديب ۽ عبدالواحد آريسر جي ساٿي تاج جوئي عوامي آواز سان ڳالھائيندي ٻڌايو تھ حيدرآباد جي علائقي گل سينٽر ويجھو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل وارن فليٽن ۾ 2005ع ۾ عبدالواحد آريسر ھڪ فليٽ خريد ڪيو ھو، جيتوڻيڪ عبدالواحد آريسر ان فليٽ ۾ گھڻو وقت نھ رھندو ھو، پر حيدرآباد اچڻ تي ان فليٽ ۾ ترسندو ضرور ھو، عبدالواحد آريسر 2015ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ان بعد فليٽ بند پيل ھو، جنھن ۾ گذريل سال عبدالواحد آريسر جي نياڻي اندرا ٻارڙن جي تعليم جي لاءِ اچي رھائش اختيار ڪئي، پر 2 ڏينھن اڳ ھڪ اڻڄاتل ھمراھھ فليٽ تي آيو ۽ پاڻ کي فليٽ جو مالڪ سڏائي فليٽ خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، اندرا جو گھروارو سليمان آريسر ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ملازم آھي. ھن چيو تھ ڌمڪي ڏيندڙ ھمراھھ ڊفينس حيدرآباد ۾ رھندڙ مٽياري جي ڪنھن زميندار جو ڊرائيور ٻڌايو وڃي ٿو، پر سندس وڌيڪ تفصيل اڃا نھ ملي سگھيا آھن. ھن چيو تھ اندرا سان ملاقات ڪري کيس آٿت ڏني ۽ خاطري ڏياري آھي تھ اسان توھان سان گڏ آھيون، اوھان جي فليٽ تي ڪنھن بھ واٺي کي قبضو ڪرڻ نھ ڏينداسين، عبدالواحد آريسر جي نياڻي ننڌڻڪي ناھي، ان سان سڄي سنڌ جا ساڃاھھ وند گڏ آھن. 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي عام سيٽن تي 5 سيڪڙو عورتن کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ تي اليڪشن ڪميشن ۾ شڪايت داخل ڪئي وئي آهي.عورت فائونڊيشن جو چوڻ آهي ته 2024ع جي چونڊن ۾ سياسي پارٽين اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 206 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.عورت فائونڊيشن جي رپورٽ موجب ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ قومي اسيمبلي جي 266 جنرل سيٽن تي عورتن کي 5 سيڪڙو ٽڪيٽون ڏيڻ بابت قانوني گهرجون پوريون ڪيون. ايم ڪيو ايم (9.59 سيڪڙو) ۽ نواز ليگ (7.9 سيڪڙو) 8 وڏين پارٽين مان عورتن کي قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽن تي سڀ کان وڌيڪ ٽڪيٽون ڏنيون. ياد رهي ته تحريڪ انصاف جو نالو ان لسٽ ۾ شامل ناهي. جميعت علماءِ اسلام (ف)، پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، جماعت اسلامي، بلوچستان نيشنل پارٽي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽن تي عورتن کي پنج سيڪڙو به ٽڪيٽون نه ڏنيون. .بلوچستان اسيمبلي جي 51 جنرل سيٽن تي بي اين پي ۽ جماعت اسلامي قانوني گهرجون پوريون ڪيون. بلوچستان اسيمبلي جي جنرل سيٽن تي بي اين پي عورتن کي 5.6 سيڪڙو ۽ جماعت اسلامي 5 سيڪڙو ٽڪيٽون ڏنيون.بلوچستان اسيمبلي ۾ نواز ليگ، پيپلز پارٽي، ٽي ايل پي ۽ جي يو آءِ ف عورتن کي پنج سيڪڙو کان گهٽ سيٽون ڏنيون، جڏهن ته ايم ڪيو ايم، اي اين پي ۽ ٽي ايل پي ڪا به ٽڪيٽ جاري نه ڪئي.پنجاب اسيمبلي ۾ جي يو آءِ ف عورتن کي جنرل سيٽن تي 5.8 سيڪڙو ٽڪيٽون ڏنيون جڏهن ته پاڪستان سينٽرل مسلم ليگ 6.1 سيڪڙو ٽڪيٽون جاري ڪيون. پنجاب اسيمبلي ۾ نواز ليگ عورتن کي 1.4 سيڪڙو جنرل سيٽون ڏنيون، پيپلز پارٽي 4.6 سيڪڙو، جماعت اسلامي ۽ ٽي ايل پي 5 سيڪڙو کان گهٽ، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ڪنهن به عورت کي ٽڪيٽ جاري نه ڪئي.ايم ڪيو ايم، ٽي ايل پي ۽ عوامي نيشنل پارٽي سنڌ اسيمبليءَ لاءِ عورتن کي جنرل ٽڪيٽون جاري ڪرڻ بابت قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون آهن. سنڌ اسيمبليءَ لاءِ نواز ليگ عورتن کي 14 سيڪڙو، جي يو آءِ ف 15.7 سيڪڙو، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس 11.7 سيڪڙو، جماعت اسلامي 6.1 سيڪڙو ۽ پيپلز پارٽي 5.4 سيڪڙو عورتن کي ٽڪيٽون ڏنيون.خيبرپختونخواهه اسيمبلي لاءِ قومي وطن پارٽي 10 سيڪڙو عورتن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون، پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز تقريبن 8.5 سيڪڙو، ٽي ايل پي 6.3 سيڪڙو، عوامي نيشنل پارٽي 5.6 سيڪڙو ۽ پيپلز پارٽي 5.6 سيڪڙو عورتن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون.پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر ان الزام جي سختي سان ترديد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي جنرل سيٽن تي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتن کي پارٽي ٽڪيٽون ڏنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.