سکر (رپورٽ:آزاد مهر) سکر لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، سکر جي علائقي گهمرو ڳوٺ ۾ گهمرو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران جوابدار ذاڪر گهمرو ۽ ٻين معمولي ڳالهه تان فائرنگ ڪري يوسف گهمرو کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل پڻ ڪونه ٿي سگهيو.