قمبر (ن ع آ) بس اسٽينڊ محلي مان گذريل ڏينهن پوليس ۽ سادا ڪپڙا پاتل اهلڪارن هٿان کنڀي گم ڪيل قانون جي شاگرد علي چانڊيو جي آزادي لاءِ وارثن ۽ شھرين احتجاجي مظاهرو ڪري قمبر لاڙڪاڻو باءِ پاس روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آھي روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون بيهجي ويون ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل نوجوان جي والد رياض چانڊيو جو چوڻ هو ته گذريل رات پوليس ۽ سادا ڪپڙا پاتل اهلڪار گهر ۾ گهري منهنجي نوجوان پٽ علي چانڊيو کي کنڀي کڻي ويا آھن جنهنجو ڪو به ڏس پتو نه پيو ملي ته هو ڪٿي آھي ۽ کيس ڇو کنڀيو ويو آھي، منهنجو پٽ ڄامشورو ۾ لا ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندو آھي ڪجهه ڏينهن اڳ موڪل تي قمبر آيو ته اهلڪار کيس کنڀي کڻي ويا نوجوان پٽ جي کنڀجڻ سبب گهر ڀاتي پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آھيون، پٽ جو ڪنهن به سياسي توڙي مذھبي جماعت سان تعلق نه آھي نه ئي وري سندس مٿان ڪو ڪيس داخل آھي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تان به جاچ ڪئي آھي پر پوليس معاملي کان لاتعلقي ڏيکاري رهي آھي هن نگران سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پٽ کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.