لنڊن(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي برطانوي چيپٽرلنڊن ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله کي هراسان ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ملوث ماڻهو پارٽي جي نمائندگي نٿا ڪن،بيان ۾ چيو ويو ته ان قسم جي واقعي ۾ ن ليگ جا حامي صحافي ملوث آهن جن جو مقصد پي ٽي آءِ کي بدنام ڪرڻ آهي، اسان واضح ڪريون ٿا ته ان واقعي ۾ پي ٽي آءِ برطانيا چيپٽر جو ڪو به ڪارڪن ملوث ناهي،اها مذمت ڇنڇر جي رات جسٽس اطهر من الله کي لنڊن جي گهٽين ۾ هراسان ڪرڻ ۽ تنگ ڪرڻ جون وڊيوز منظر عام تي اچڻ بعد سامهون آئي.سوشل ميڊيا تي وڏي پئماني تي شيئر ڪيل وڊيوز ۾ جج کي ماڻهن جي هڪ گروهه ڪار ۾ کڻي ويهندي ڏٺو وڃي ٿو جڏهن ته ٻيا مٿس رڙيون ڪري رهيا آهن. ڪارڪنن تحريڪ انصاف جي حمايت ۾ ۽ فوج خلاف نعرا هنيا.واضح رهي ته جسٽس اطهر من الله ڇنڇر ڏينهن لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس ۾ ”فيوچر آف پاڪستان ڪانفرنس“ جي مهمانن ۾ شامل هو.پي ٽي آءِ اڳواڻ تيمور سليم خان جهڳڙا چيو آهي ته لنڊن ۾ جسٽس اطهر من الله کي هراسان ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي.