فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا طرفان ورلڊ ڪپ 2026ع جي ميچن جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي.
فيفا عالمي ڪپ لاءِ 16 شهرن جي چونڊ ڪئي آهي، ڊيليس ۾ سڀ کان وڌيڪ نوَ ميچون کيڏيون وينديون.
ورلڊ ڪپ جون 104 ميچون ٽن ملڪن آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪئناڊا ۾ ٿينديون، هر ميزبان پنهنجي ملڪ ۾ ٽي، ٽي ميچون کيڏندو.
شيڊيول موجب، فيفا ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ يارنهن جون تي ميڪسيڪو ۽ فائنل 19 جولاءِ تي نيويارڪ، نيوجرسي ۾ کيڏيو ويندو.
شيڊيول ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ جو سيمي فائنل ڊيليس ۽ اٽلانٽا ۾ 14 ۽ 16 جولاءِ تي ٽين پوزيشن جي ميچ 18 جولاءِ تي ميامي ۾ کيڏي ويندي.
You might also like