مخالف وائڙا ٿي ويا آهن، 8 فيبروري تي فتح ٿيندي: ذوالفقارمرزا

ڪڍڻ (رپورٽ:بابو کوسو) ووٽ اوهان جي عزت آبرو جو ضامن آهي  ووٽ وجهڻ وقت پنهنجي معصوم ٻچن تي هڪ نظر ضرور وجهندا اهو  فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي ته ڪير حق تي آهي ڪير ناحق تي آهي. اهڙي خيالن جو اظهار سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير جي ڊي اي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا ڪڍڻ شھر ۾ سوين ماڻهن جي عام جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جا مخالف هاڻي وائڙا ٿي ويا آهن هنن جا پنهنجا به مٿن الزام مڙهي رهيا آهن ته هي لکين روپيا وٺي نوڪرين جي نالي غريب ماڻهن کان وٺي  کائي ويا پر مون پنهنجي دور ۾ بنا ڪنهن فرق جي بغير رشوت جي هزارين  نوڪريون ڏنيون. مخالف اميدوار تاجو ملاح مون تي 34 ڪوڙيون ايف آئي داخل ڪرايون ڪورٽن ۾ ڪوڙا قسم کڻي الزام لڳايا اڳوڻن چونڊيل نمائندن عوام جا ڪم ته ڪونه ڪيا باقي منشيات سرعام وڪرو ڪئي جيڪو چونڊيل نمائندو پنهنجي ڳوٺ جو روڊ ٺهرائي نه سگهيو انهي روڊ جي موري ڳوٺاڻن چندو ڪري ٺهرائي. اهو نمائندو عوام جي لاء ڪهڙا ڦاڙها ماريندو  هن چيو ته  فتح حق سچ جي ٿيندي آهي. هن اپيل ڪئي ته 8 تاريخ تي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ صوبائي تي حسام مرزا کي ڪامياب ڪندا جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي ٽائون ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين جهان خان چانڊيو  ڏنو خان عبدالغفار لاشاري ڊاڪٽر ساجد واهلا ڊاڪٽر عبدالله جٽ ماما عبدالله چانڊيو محبوب ابڙو رضا شاہ  سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.