تعليم کاتي جي ملازمن جا پوسٽل ووٽ پ پ کي ڏياريا ويا آهن: ايس يو پي

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن  جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران جاري ڪيل تعليم کاتي جي ملازمن جا بيلٽ پيپر جيڪي پوسٽ ذريعي هر ملازم جي دروازي تائين پهچايا ويندا آهن، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سيد قربان علي شاهه پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ونگار وهندي، پوسٽ آفيس مان بيلٽ پيپر آفيس کڻي آيو، جتي انهن پوسٽل لفافن کي ڦاڙي بيلٽ پيپرن تي ملازمن جون ڪوڙيون صحيح ڪري پ پ اميدوارن جي حق  ۾ ووٽ وجهي ڇڏيا آهن. سڪرنڊ ۾ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ  فلڪ شير اوڏ، سڪرنڊ سٽي صدر قاسم سومرو ۽ ساجد حسين ڪيريو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بيلٽ پيپرن تي ڪوڙيون صحيحون ڪري ووٽ جو ناجائز استعمال ڪيو ويو آهي، اطلاع تي ٽي اي او آفيس پهتاسين ته آفيس جو عملو فرار ٿي ويو ۽ پوسٽ آفيس جا خالي لفافا  موجود هئا جن ۾ بيلٽ پيپر آيا هئا. هنن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ڊي آر او کان مطالبو ٿا ڪيو ته ٽي اي او سڪرنڊ کي معطل ڪري قانون جي ڀڇڪڙي ڪرڻ جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪيو وڃي ۽  بيلٽ پيپر هر ملازم کي ذاتي طور تي ڏنا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.