حيدرآباد ۾ عورت مٿان ھم جنس پرستي لاءِ بليڪ ميل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت

حيدرآباد (عوامي آواز نيوز) فرسٽ سول جج ۽ جڊيشنل مجسٽريٽ حيدرآباد ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ٿاڻي ۾ داخل سوشل ميڊيا تي قابل اعتراض جوڳيون تصويرون وڊيوز شيئر ڪرڻ ۽ ھم جنس پرستي لاءِ بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار عورت مٿان ڏوھه ثابت ٿيڻ تي 6 مھينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي .  تفصيل موجب ايف آءِ اي سائبر ڪرائي ٿاڻو حيدرآباد ۾ ڪچي ڪلي جي رھواسڻ عورت پاڙي ۾ عورت شمائلا سولنگي جي خلاف ھم جنس پرستي دوستي رکڻ کان انڪار تي حراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ سوشل ميڊيا تي قابل اعتراض تصويورون وائرل ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو جنھن تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم کيس گرفتار ڪري موبائيل فون ھٿ ڪري بليڪ ميلن تي ٻڌل مواد ھٿ ڪري جوابدار عورت کي سول ڪورٽ بعد سيشن ڪورٽ ۾ ضمانت جي لاءِ درخواستون داخل ڪرايو ھيون پر عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.