علي ظفر جي 5 سالن کانپوءِ پي ايس ايل ۾ واپسي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ پرستارن ۽ موسيقيءَ جي ديوانن لاءِ خوشخبري آهي ته راڳي علي ظفر پنجن سالن کانپوءِ پاڪستان سپر ليگ ۾ واپسي ڪري رهيو آهي.
علي ظفر هلندڙ سال آفيشل طور تي پاڪستان سپر ليگ جي نائين سيزن جو ترانو ڳائيندو جنهن جي تصديق پي ايس ايل جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽس سميت علي ظفر پاڻ به ڪري چڪو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Pakistan Super League (@thepsl)


پي ايس ايل جي انسٽاگرام اڪائونٽ تان علي ظفر جي جاري ڪيل مختصر وڊيو ڏسي سگهجي ٿو ته راڳي پيانو تي هڪ ڌن وڄائي رهيو آهي جڏهن ته ڪيپشن ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته هن ليگ جي آفيشل تراني جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڪيپشن ۾ لکيل هو ته ” سيٽي ته وڄندي، علي ظفر پنهنجي پنهنجي جادوئي انداز ۾ پي ايس ايل جي نائين سيزن جي تراني لاءِ تيار آهي.
سوشل ميڊيا تي اِها خبر سامهون ايندي مداحن طرفان پنهنجي خوشي جو ڀرپور اظهار ڪيو ويو.
ڪرڪيٽ پرستارن جو چوڻ آهي ته هو ڊگهي عرصي کان علي ظفر جي واپسي جو انتظار ڪري رهيا هئا.
ٻئي پاسي پاڪستان ڳائڻي آئما بيگ علي ظفر سان هن سيزن جو گيت ڳائيندي، ان جو اندازو آئما بيگ جي تازي انسٽاگرام اسٽوريز مان لڳائي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.