ڪراچي جي عوام کي سندن حق کان محروم ڪيو پيو وڃي: فاروق ستار

ڪراچي (م ڊ ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر فاروق ستار چيو آهي ته اسان صحيح آدمشماري ۾ انگ وڌرائي ڪراچي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽن ۾ واڌارو ڪيو، شهر جي عوام کي سندن حق  کان محروم ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته ڪراچي ملڪ کي پاليندو آهي، ڪراچي مان ئي سکر، لاڙڪاڻو ۽ سڄو صوبو پلجي ٿو. هن چيو ته جنهن شاخ تي ماڻهو ويٺا آهن ۽ پنهنجو پيٽ ڀري رهيا آهن، مان چوان ٿو ته اها شاخ نه ڪٽي وڃي. فاروق ستار چيو ته 8 فيبروري اليڪشن نه پر ريفرنڊم جو ڏينهن آهي. آزاد اميدوار امجد گجر ايم ڪيو ايم جي حق ۾ هٿ کڻي ويو آهي. پي ايس 110 تان ايم ڪيو ايم جو اميدوار شارق نسيم آهي.

پولنگ اسٽيشن جي منتقلي خلاف درخواست، جماعت اسلامي جي درخواست رد

 ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ اين اي 232 جي پولنگ اسٽيشن جي منتقلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت جماعت اسلامي  جي  توفيق الدين جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ ڪري رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته سپريم ڪورٽ  اليڪشن بابت هدايتون واضح ڪري ڇڏيون آهن، هاڻي دعا ڪريو ته اليڪشن خير سان ٿي وڃي، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته پولنگ ڏينهن کان 30 ڏينهن اڳ درخواستگذار پولنگ اسٽيشن تي اعتراض جمع ڪرايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.