پيپلزپارٽي عوام کي بک، بدحالي ۽ بدامني کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھه پي ايس 60 قاسم آباد تڪ جي اميدوار اياز لطيف پليجو اليڪشن ورڪ ڪندي ڳوٺ ٻاڳھل، واڻڪي وسي، ڳوٺ محمد بخش شورو پھتو جتي سوين ڳوٺاڻن گلن جي ورکا ڪري سندس شاندار استقبال ڪيو، کيس اجرڪن، لنگين ۽ سنڌي ٽوپين جا تحفا ڏنا ويا، ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي، پي ايس 60 قاسم آباد تڪ جا وڏي تعداد ۾ ڳوٺ اڃان تائين گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، روڊ ناهن، صحت جي سهولت ناهي، تعليم کان محروم آهن، 8 فيبروري سنڌ جي خوشحالي، ميرٽ، امن، انصاف، حق ۽ سچ جو ڏينهن ثابت ٿيندو، پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي گذريل ٻوڏ ۾ هٿ وٺي ٻه ڪروڙ ماڻهن کي ٻوڙي دربدر ڪيو، شهرن جا شهر ٻوڙايا ويا، اڄ ڏينهن تائين ٻوڏ متاثرن جي ڪا به واهر نه ڪئي آهي، پيپلز پارٽي پنهنجي گذريل حڪومتي دور دوران سنڌ کي عوام کي بک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني ۽ لاقانونيت کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو،پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولو سنڌ جي عوام کي پنھنجو غلام سمجھي ٿو، ھي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ عوام دوستي ۽ جمھوريت جو ڪوڙو ڍونگ ڪن ٿا، پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي وٽ سنڌ جي غريب عوام لاءِ ڪو احساس ناھي، اقتدار ھنن جو ڪاروبار آھي ھي ڪروڙين روپيا اليڪشن ۾ خرچ ڪري اربين روپيا ڪمائي سنڌ جي ماڻھن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي اجھي لٽي جا ڪوڙا نعرا هڻي سنڌ جون زمينون، ڪارونجهر ٻيٽ، پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا، ميرٽ جي لتاڙ ڪئي. صحت جون بنيادي سھولتون ناھن. شھر ڪچري جو ڍير بڻيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.