پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد مان حساس ادارن جو اھلڪار اغوا ،ڪراچي کان واپسي تي پنوعاقل شھر کان ڳوٺ حسين ڪلوڙ ويندڙ حساس ادارن جو اھلڪار نور محمد عرف نورل ڪلوڙ اغوا ،موٽرسائيڪل رستي مان ھٿ، پني عاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد مان ڳوٺ حسين ڪلوڙ واسي نوجوان اغوا ٿي ويو، ڪراچي کان واپسي تي پنوعاقل شھر کان ڳوٺ حسين ڪلوڙ ويندڙ حساس ادارن جو اھلڪار نور محمد عرف نورل ڪلوڙ اغوا ٿي ويو سندس موٽرسائيڪل رستي مان ھٿ ڪئي وئي، وارث موجب نورل ڪلوڙ کي ھٿياربند اغوا ڪرڻ کانپوءِ ڪچي طرف کڻي ويا ڏوھارين جا پير درياھ جي مٺو پتڻ وٽ گم ٿي ويا، جنھن کي ڏوھاري اغوا ڪرڻ کانپو3 درياھ پار کڻي ويا آھن، جڏھن ته اغوا ٿيل نوجوان رينجرس ۾ ڊيوٽي ڪندو ھو، ڪراچي کان پنوعاقل پھتو پنوعاقل شھر مان رات جي وقت مائٽن کان موٽرسائيڪل وٺي ڳوٺ حسين ڪلوڙ وڃي رھيو ھو ته رستي مان اغوا ٿي ويو، ٻئي طرف حساس ادارن جي اھلڪارن ڳوٺ حسين ڪلوڙ ۾ وارثن وث پھچي اھلڪار جي اغوا بابت تفصيل پڻ ورتا.