ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ميرپور خاص جي قومي تڪ اين اي 212 تي نامزد پ پ اميدوار منور ٽالپر اٽي جي اگهن کان به ناواقف نڪتو، جلسي کي خطاب دوران منور ٽالپور هڪ ئي وقت اٽي جا 3 مختلف اگهه ٻڌايا، پنڊال ۾ ٽهڪڙا پئجي ويا، منور ٽالپر جي خطاب جي وڊيو وائرل ٿي وئي، سوشل ميڊيا تي منور ٽلپر مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي،منور ٽالپريو ته جيڪو اٽو 4 سئو روپين ۾ ملندو هو اهو هاڻي 14 سئو روپيا ڪلو ٿي ويو آهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو جو جيڪو منشور آهي اهو سنڌي ۾ ترجمو ڪري هلايو وڃي، مهانگائي جي ڪري عوام پريشان آهي، مهانگائي سبب هر ماڻهو پريشان آهي، اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو، سڀني جا مسئلا حل ڪنداسين.