ٽنڊوالھيار : شھيد نذير عباسي جي وڏي ڀاءُ رفيق احمد عباسي لاڏاڻي تي پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي. عوام آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ،حميده گھانگھرو، اقبال ملاح ، تاج مري، ثمر حيدر جتوئي، امداد چانڊيو، زرار پيرزادو ۽ ٻين شھيد نذير عباسي جي وڏي ڀاءُ انجنيئر رفيق عباسي جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي.