شھيد نذير عباسي جو وڏو ڀاءُ رفيق احمد عباسي لاڏاڻو ڪري ويو

ٽنڊوالھيار ( ڊ ر ) شھيد نذير عباسي، بشير احمد عباسي، عبدالرشيد عباسي ۽ مقبول احمد عباسي جو وڏو ڀاءُ، سھيل عباسي جو والد ۽ نھال عباسي جو چاچو رفيق احمد عباسي ڪجهھ عرصو عليل رھڻ بعد 75  ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم 15 سالن تائين دبئي ۾ بطور انجنيئر خدمتون پڻ انجام ڏنيون ھيون. مرحوم رفيق احمد عباسي ھڪ پٽ، 2 نياڻيون، گھر واري سميت سڄي ڪٽنب کي سوگوار ڇڏيو آھي. مرحوم جي جنازي نماز قلعي چونڪ جي بلال مسجد آڏو ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ مرحوم جي مٽن مائٽن، دوستن، شھرين، وڪيلن، صحافين، سماجي ۽ سياسي اڳواڻن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم کي شھر جي اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٽنڊوالھيار پريس ڪلب جي عھديدارن غلام رسول درس، سيد عبدالرشيد جعفري، عبدالطيف قائم خاني، توفيق احمد قائم خاني، مستجاب الرحمان، وحيد فراز قريشي ۽ حسرت لغاري سميت سڄي سٿ  ڏک جو اظھار ڪيو آھي. ٻي پاسي مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.