پنوعاقل: ڪچي ۾ پ پ اميدوارن جي چونڊ مهم دوران هٿيارن جي نمائش

پنوعاقل (ن ع آ) پني عاقل جي ڪچي ۾ پيپلزپارٽي جي اليڪشن مھم دوران خطرناڪ  هٿيارن سان اميدوارن جو استقبال ڪيو ويو، ڇتي  فائرنگ، ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، پني عاقل جي ڪچي ۾ پي ايس  25 سيد ناصر حسين شاهه ۽ اين ايس 200 جي اميدوار نعمان اسلام شيخ جي مان ۾ اليڪشن مھم جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، جتي کين جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي  وئي جنھن سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ علائقو گولين جي گونج سان ڀرجي اٿيو، ويڊيو ۾ پوليس موبائل به نظر اچي رھي آھي ،ذريعن موجب ڪچي اندر پيپلزپارٽي جي ڪارنر گڏجاڻي ۾ جديد اسلحي سان فائرنگ ڪئي وئي، ناصر حسين شاهه جا ڪيمرا مين ۽ پ پ جا مقامي اميدوار ھٿياربندن کي فائرنگ کان روڪيندا رھيا پر ھٿياربند پنڊال  اندر به فائرنگ ڪندا رھيا،  ذريعن موجب ويڊيو پنوعاقل جي ڪچي ۾ سيد ناصر حسين شاهه ۽ نعمان اسلام شيخ جي مان ۾ رٿيل تقريب جي هئي، ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن پني عاقل جي ڪچي۾ هٿيارن جي نمائش جو پڻ نوٽيس ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.