ڪنڊياري (ن ع آ) شھيد محترما بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري اليڪشن 2024ع جي سلسلي ۾ پ پ اميدوارن جي چونڊ مھم جي سلسلي ۾ ڳوٺ خان بھادر غلام محمد وساڻ ڪنڊياري پ پ اڳواڻ جي ايم فيصل وساڻ پاران منقعد ڪيل ليڊيز ڪنوينشن ۽ جلسي ۾ پهتي، جلسي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي، اٺ فيبروري تير تي ٺپو ھڻي پارٽي جي اميدوارن اين اي 209 شازيا عطا مري، پي ايس 41 علي حسن ھڱورجو۽ پي ايس 42 تي ڄام شبير علي خان کي ڪامياب ڪندا، بلاول ڀٽو زرداري کي عوام جي ووٽ جي طاقت سان ملڪ جو وزيراعظم بڻائي 300 يونٽ تائين بجلي مفت، هاري ڪارڊ، پورهيت ڪارڊ جاري ڪيو ويندو، سانگھڙ ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال قائم ڪئي ويندي بينظير انڪم سپورٽ جي ملندڙ رقم غريب عورتن جي مالي مدد ٿي آهي، ٻيون سياسي پارٽيون غريب کي غريب ڏسڻ چاھين ٿيون انهن کي فرق نٿو پوي ته اوھان جا ٻچا بُکيا ستل آهن يا ڍئوء ، اسين واعدو ڪيون ٿا ته ھاري مزدور ۽ يوٿ ڪارڊ جاري ڪنداسين، عوام کي ٽيهھ لک گهر ٺاهي ڏينداسين، ٽي سئو يونٽ بجلي پڻ مفت سميت ڪچين آبادين کي پڪو ڪيو ويندو، جلسي کي 209 جي اميدوار شازيه عطا مري، ڄام شبيرعلي خان علي حسن ھڱورجي، سردار غلام محمد فيصل وساڻ نثار وساڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.