اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار جي خاتمي لاءِ اڳ ڀرائي سياستدانن کي ڪرڻي پوندي: بلاول

خضدار (م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول چيو آهي ته ڪجهه قوتون نه ٿيون چاهين ته پيپلزپارٽي وفاق ۾ حڪومت ٺاهي، بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪي سمجهن ٿا ته بزدلاڻا حملا ڪرڻ  سان اسان ڊڄي وينداسين اهي ڀليل آهن، اسان جا ڪنڌ ڪٽجي ته سگهن ٿا پر ڪنهن دهشتگرد آڏو جهڪي نه ٿا سگهن.  خضدار ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي بلوچستان ۾ تيرن جي برسات ٿيندي، بلوچستان جي عوام سان ٽن نسلن جو رشتو آهي، منهنجي رڳن ۾ به بلوچ خون آهي. پ پ چيئرمين بلاول چيو آهي ته بلوچستان جو عوام ڄاڻي ٿو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو جيڪڏهن ڪو حل ڪري سگهي ٿو ته اهو مان آهيان. خضدار ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام ڄاڻي ٿو مون کانسواءِ ڪو وفاقي سياستدان اهڙو ناهي، جيڪو بلوچستان جي تڪليف کي سمجهي سگهي، عوام ڄاڻي ٿو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو جيڪڏهن ڪو حل ڪري سگهي ٿو ته اهو مان آهيان، عوام کي خبر آهي ته پ پ ناهي جهڪندي، اسان سڀني قوتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر عوام جي حقن تي سوديبازي نه ڪنداسين. هن چيو عوام ڄاڻي ٿو ته پ پ اڪيلي جماعت آهي، جيڪا بلوچستان کي ان جو حق ڏياري سگهي ٿي، 18هين ترميم ۽ اين ايف سي تي مڪمل عملدرآمد ٿئي ها ته اڄ بلوچستان ۾ سازشون دم ٽوڙي چڪيون هجن ها. سندس چوڻ هو ته اسان جي جماعت هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي نشاني تي آهي، اهو سمجهن ٿا ته مان ٻار آهيان ۽ ڊڄي پوئتي هٽي ويندس ته اها انهن جي ڀُل آهي، سازشي ٽولي ۽ دهشتگردن پ پ اميدوارن تي ڪيترائي حملا ڪيا، انهن جي ليکي ته جيالا گهٻرائجي ويندا پر ائين نه ٿيو، پ پ شهيدن جي، غيرتمندن جي جماعت آهي، جيڪا ڪنهن دهشتگرد سامهون نٿي جهڪي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري تي بلوچستان ۾ تيرن جي برسات ٿيندي، جيڪڏهن مان پارليامينٽ ۾ پهچي ويس ته عوام کي خبر آهي انهن جو آواز اٿاريندس، جيئن مان سنڌ ۾ 30 لک گهر ٺاهي حقدارن کي ڏئي رهيو آهيان، ائين ئي بلوچستان ۾ به گهر ٺاهي ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏيندس. هن چيو ته توهان جو نمائندو بڻجي لاهور جي تخت تان اليڪشن وڙهي رهيو آهيان، دهشتگرد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رهيا آهن، دهشتگردن ۽ سازشي قوتن جو مقابلو ڪنداسين، لاهور جو هڪ سياستدان چوي ٿو ته مون لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو هو. هن چيو ته لاهور جي سياستدان جي ڳالهين تي کل ايندي آهي، ملڪ ۾ اڄ به 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿئي ٿئي، اسان مختلف منصوبا شروع ڪري سموري ملڪ لاءِ پنهنجي بجلي پيدا ڪنداسين.

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ايندڙ عام چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪڏهن اتحادي  حڪومت ٺهي ته هو مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف مان ڪنهن جي به ساٿ ڏيڻ نٿا چاهين.بي بي سي کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته پي ٽي ايم جي ڪردار کان اڳ ئي مايوس ٿي چڪو هوس. مان ميان صاحب جي ڪردار کان ڏاڍو مايوس آهيان، تنهن ڪري اڄڪلهه اسان جو فاصلو واضح آهي ۽ جيڪڏهن هن کي اها ئي پراڻي سياست ڪرڻي آهي ته مان سندس حمايت نه ٿو ڪري سگهان. هن چيو ته منهنجي نظر ۾ ٻئي (عمران خان، نواز شريف) پراڻي سياست ڪرڻ چاهين ٿا، اها ئي (سياست) جنهن کي (اسان) بار بار ناڪام ٿيندي ڏٺو آهي. مان پي ٽي آءِ يا ن ليگ جي حمايت نه ٿو ڪرڻ چاهيان. اسان نئين سوچ ۽ جذبي سان ملڪ جي نظام کي سڌاري طرف وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. آزاد اميدوارن بابت هن چيو ته اڪثريت پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊرن جي ناهي، پنجاب ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ن ليگ جي خلاف آهن ۽ آزاد آهن. ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي ڪنهن وقت پي ٽي آءِ يا پيپلز پارٽيءَ سان گڏ هئا ۽ انهن کان پاڻ کي آزاد ڪري چڪا آهن. ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي مختلف ڪيسن ۾ سزا ملڻ کانپوءِ چونڊن جي شفافيت تي به سوال اٿاريا پيا وڃن. ان حوالي سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اسان جي ملڪ جو معيار بلند ناهي، ڪيترائي سياستدان 2018ع ۾ اليڪشن نه وڙهي سگهيا ۽ ڪيترائي سياستدان 2013ع جي چونڊن ۾ به حصو نه وٺي سگهيا. بهرحال هن عمران خان ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هي مڪافات عمل آهي. بلاول جو چوڻ هو ته سياست مان اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي ختم ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجهد جاري رهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته هاڻي آر ٽي ايس کي ڏسڻو پوندو پر جيتري تائين اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار جو تعلق آهي ته ان لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻي پوندي. بهرحال، هو سمجهن ٿا ته ’سياستدانن کي ان سلسلي ۾ پهريون قدم کڻڻو پوندو ۽ جيڪڏهن هو هڪ ٻئي جي عزت نه ڪندا ته پوءِ ٻين کان اسان جي عزت ڪرڻ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سياستدانن کي سياست جي دائري ۾ رهي سياست ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.