8 فيبروري تي حساس علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند رکڻ جي تجويز

اسلام آباد (م ڊ) 8 فيبروري تي حساس علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اليڪشن ڪميشن پاڪستان  جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، 8 فيبروري تي حساس علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن واري ڏينهن حساس علائقن ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، ان کانسواءِ سيڪيورٽي ادارن کي اميدوارن کي ٿريٽس الرٽس کان هر وقت آگاهه ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي، نگران گهرو وزير گوهر اعجاز ميڊيا کي ٻڌايو ته عام چونڊون 8 فيبروري تي ئيٿينديون، چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.