پيٽرول ۽ بجلي کانپوءِ دوائون به مهانگيون

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا هارڊ شپ ڪيٽيگري تحت 146 انتهائي ضروري دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا ڪمپٽيشن ڪميشن، اسٽيٽ ايڊمنسٽريشن آف مارڪيٽ ريگوليشن چين وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏني، مفاهمتي يادداشت سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ ٽيڪنيڪي صلاحيت ۾ واڌ ٿيندي، ذريعن موجب 12 کان وڌيڪ اينٽي بائيوٽڪ دوائون 60 سيڪڙو تائين مهانگيون ٿي ويون، ٽي بي جي 8 دوان جي قيمتن ۾ به 20 کان 60 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، دوائون مهانگيون ٿيڻ بابت نوان اگهه ڊريپ جي نوٽيفڪيشن بعد لاڳو ٿي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.