ارڙهين ترميم جي آرٽيڪل 51 ۾ تبديلي لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

پشاور (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ اقليتي نمائندن طرفان 18هين آئيني ترميم جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ تبديلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس  فهيم ولي ڪئي، عدالت اٽارني جنرل آفيس کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو. عيسائي برادري سان واسطو رکندڙ رميز ۽ انيل عدالت ۾ درخواست ڏني، جن طرفان نعمان محب ڪاڪا خيل ايڊووڪيٽ پيش ٿيو. درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته آئيني ترميم ۾ آرٽيڪل 51 ۽ 106 جي تبديلي ڪئي وئي، اڳ ۾ اقليتن کي نمائندا چونڊي پاڻ چونڊ لاءِ پيش ڪرڻ جو اختيار هو، ترميم کانپوءِ اقليتن وٽ اختيار ناهي. نعمان ڪاڪا خيل ايڊووڪيٽ چيو ته سياسي جماعتون اقليتي سيٽن تي مرضي جا نالا ڏينديون آهن، مخصوص سيٽن تي اقليتي نمائندا ڪميونٽي جا حقيقي نمائندا ناهن. هن اپيل ڪئي ته آرٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ تبديلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ اقليتن کي ووٽ ذريعي نمائندا چونڊڻ جي اجازت ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.