سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڳوٺاڻن طرفان پيپلزپارٽي اميدوارن کان سخت پڇاڻو، وڊيوز وائرل

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سانگهڙ ۽ ڪشمور ۾ پيپلزپارٽي اميدوارن کان ڳوٺاڻن جو پڇاڻو، سانگهڙ، ڪشمور، پنوعاقل ۽ ٻين شهرن ۾ پيپلزپارٽي اميدوارن کان پڇاڻو ڪيو ويو، نوجوانن ۽ ڳوٺاڻن جي پڇاڻن جون وڊيوز وائرل ٿي ويون، ڪشمور جي ڳوٺ وريو ماڇي ۾ پيپلزپارٽي  ي اميدوار کان نوجوان جا سخت سوال، پي ايس 4 جو اميدوار حاجي عبدالرئوف کوسو ڳوٺ ۾ پهتو ته هڪ نوجوان جذباتي ٿي ويو، ڳوٺاڻن نوجوان کي منٿون ڪري سوال ڪرڻ کان روڪي ورتو، نوجوان چيو ته هي هر ڀيري ڪوڙا واعدا ڪري هليا وڃن ٿا، توهان مون کي سوال ڪرڻ کان ڇو ٿا روڪيو؟ پ پ اميدوار مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي روانو ٿي ويو، سانگهڙ ۾ چونڊ مهم هلائيندڙ پ پ اميدوار شبير علي خان عوام جي سوال جواب دوران موبائيل فون تي ريڪارڊنگ بند ڪرائي ڇڏي، پي ايس 42 جو اميدوار ڄام شبير علي خان ديوان ڳوٺ پهتو ته نوجوانن سوال جواب شروع ڪري ڏنا، هڪ نوجوان اميدوار کي مخاطب ٿيندي چيو ته روڊ رستا تباهه لڳا پيا آهن، توهان گاڏين تي چڙهي ٿا اچو ان ڪري توهان کي خبر نه ٿي پوي، نوجوان چيو ته 5 سالن کان ڪٿي گم هيا؟ اميدوار وڊيو ريڪارڊنگ بند ڪرائي ڇڏي، جڏهن  ته ذريعن موجب پني عاقل ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ به اميدوارن کان پڇاڻا ڪيا ويا پر اميدوارن ۽ انهن جي حامي مقامي ماڻهن وڊيوز ڀرڻ نه ڏنيون، ڳوٺاڻن پاران ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.