ڀائو زلف هڪ اصول پرست ۽ پاڻ ارپيندڙ صحافي هو: انور بلوچ

ملير (ڊ ر) ”عوامي آواز“ جي ڊپٽي ڀائو ذولف پيرزادو جي وفات تعزيت جو سلسلو جاري آهي، عوامي آواز جي مئنيجنگ ايڊيٽر انور بلوچ، ناليواري  ليکڪ محمد علي پٺاڻ، ملير جي بيورو رپورٽر جميل چانڊيو ڀائو زلف پيرزادو جي ڪراچي واري رهائشگاهه تي سندس پٽ عبدالرحيم پيرزادو سان عذرخواهي ڪئي. ان موقعي تي عوامي آواز جو ايڊيٽر زرار پيرزادو به موجود هو. انور بلوچ ۽ محمد علي پٺاڻ ڀائو زلف پيرزادو بابت ويچار ونڊيندي چيو ته هوءَ هڪ اصول پرست ۽ ڪميٽيڊ صحافي هو جنهن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو آواز ”عوامي آواز“ جي پليٽ فارم تان جنگ جهر ۽ عالمي سطح تي پهچايو. سنڌ اهڙي بيباڪ ڪردار کان  محروم ٿي وئي آهي جن سڄي ڄمار سنڌي قوم لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هنن چيو ته ڀائو زلف جهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن ۽ سندس وڇوڙي جي خال کي نٿو ڀري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.