پٽ جا ننڍا ٻار آهن، خدا جي واسطي پٽ کي آزاد ڪرايو: گم نوجوان جو والد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گم ٿيل ماڻهن جي   حوالي سان درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، هڪ درخواستگذار  پيرسن شهري روئيندي پنهنجي موقف ۾ چيو ته منهنجي پٽ جا ننڍڙا ٻار آهن، خدا ۽ رسول جي واسطي منهنجي پٽ کي آزاد ڪرايو، جي آءِ ٽي اجلاس ۾ سمورن آفيسرن کي پيرين پئجي چيو ته منهنجي پٽ کي آزاد ڪرايو، جيڪڏهن هن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، سنڌ هاءِ ڪورٽ نيڪ محمد ۽ ٻين جي آزادي جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ساڳي عدالت پاڪستاني ڄائي برطانوي شهري محمد صديق سميت 3 ڄڻن جي گم ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، وڪيل جو چوڻ هو ته ٽي دوست لاهور کان ڪراچي گهمڻ لاءِ آيا، هنن جي گاڏي جناح اسپتال مان ملي آهي، 20 جنوري کان هو گم آهن، عدالت 12 فيبروري تائين پوليس عملدارن سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.