آمريڪا ايراني حدفن تي حملن جو منصوبو بڻائي رهيو آهي: آمريڪي ميڊيا

آمريڪا وچ اوڀر ۾ ايران حدفن تي حملن جو منصوبو بڻائي رهيو آهي جيڪو هفتن تائين جاري رهي سگھن ٿا. آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي  آهي ته اردن ۾ آمريڪي اڏي تي ڊرون حملي کان پوءِ آمريڪا وچ اوڀر ۾ ايراني حدفن تي حملن جو منصوبو بڻائي رهيو آهي جيڪو هفتن تائين جاري رهي سگھي ٿو. آمريڪي ميڊيا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي منصوبي ۾ ايراني سرحد کان ٻاهر حدف شامل آهن جڏهن ته ايران جي اندر سائبر حملن تي ئي ڀاڙيو ويندو، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اردن ۾ آمريڪي اڏي تي ڊرون حملي ۽ ٽن آمريڪي فوجين جي مارجڻ کانپوءِ آمريڪي صدر چيو هو ته آمريڪا ڊرون حملي جو جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.