صوبائي خودمختياري ۽ انساني حقن جو تحفظ:عوامي تحريڪ جو منشور جاري

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ پنهنجو اليڪشن منشور جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي 1940ع جي قرارداد تحت هڪ  سيڪيولر ۽ جمهوري ملڪ بڻايو ويندو، سينيٽ کي قومي اسيمبلي کان وڌيڪ اختيار ڏنا ويندا، صوبائي گورنرن جي چونڊ سڌي ريت عوامي ووٽن وسيلي ڪرائي ويندي، وفاق کي مخصوص کاتا، باقي سمورا اختيار ايڪائن کي ڏنا ويندا، سرڪاري زمين انعام جي طور تي نوڪر شاھي ۽ ٻين ماڻھن کي ڏيڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي ويندي، سويلين سرڪاري توڙي نجي ادارن جي اهم عهدن تي رٽائرڊ توڙي حاضر سروس سگهاري اداري جي اهلڪارن کي ملازمتون ڏيڻ واري عمل تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي ويندي، صوبائي خودمختياري، انساني حقن جو تحفظ ڪيو ويندو، پوليس ۽ عدليا ۾ سڌارا آڻي، ظالم وڏيرا شاھي کان نجات ڏياري ويندي ۽ ڪاموراشاهيءَ کان آزادي، عوام جي سياسي، سماجي، معاشي حقن جي تحفظ جي ضمانت، ٻارڙن لاءِ بنا طبقاتي فرق جي مفت ۽ معياري تعليم، ٻارڙن جي جبري پورهئي جو خاتمو، مزدورن ۽ هارين لاءِ پينشن ۽ روزگار جي سيڪيورٽي، ضعيف ٻڍڙن لاءِ گذارو الائونس ۽ سوشل سيڪيورٽي، ثقافت ۽ تهذيب جي سلامتي، سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي هر لحاظ کان مٿانهين هوندي، سنڌ جي ورهاڱي جي هر شڪل کي رد ڪيو ويندو، زمين جي آبياري لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي، سٺا رستا ۽ سستيون سفري سهولتون، روزگار ۽ پيداوار لاءِ صنعتون لڳائڻ، سمورن شعبن ۾ عزت ڀريو روزگار ڏيڻ، زرعي سڌارا آڻي زمين جي حد باراني 75 ايڪڙ ۽ نهري 50 ايڪڙ في خاندان مقرر ڪئي ويندي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اليڪشن ڪميٽي جي انچارج ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، عاطف ملاح حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪري عوامي تحريڪ جو اليڪشن منشور پڌرو ڪندي چيو ته سموري زمين هارين ۾ 16 ايڪڙ في هاري خاندان جي حساب سان ورهائي ويندي، مفت دوائون ۽ ڳوٺاڻي سطح تائين علاج جي سهولتن جي فراهمي ڪئي ويندي، مهانگائي جو خاتمو، بي پهچ خاندانن کي گهر ۽ گهرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻ، نوجوانن جي سماجي، معاشي ۽ سياسي ترقي جي ضمانت، فيصلا سازي جي عمل ۾ عورتن جي نمائندگي برابري جي بنياد تي ڪرڻ، جي ڊي پي جو 6 سيڪڙو صحت ۽ 6 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪرڻ ۽ 1973ع جي آئين ۾ غير مسلمانن کي ٻئين درجي جو شهري قرار ڏيڻ واري شق ختم ڪرڻ ۽ عورتن کي مردن کان گهٽ ڏيکارڻ وارا سمورا ڪارا قانون آئيني ترميم وسيلي ختم ڪيا ويندا، 1940ع جي قرارداد پاڪستان جي روح ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي اصولن مطابق صوبائي خودمختياري وارو سيڪيولر پاڪستان بڻائڻ لاءِ پارلياماني سڌارا آندا ويندا، سول ۽ فوجداري ڪيسن کي جلد اڪلائڻ، انھن جي شفافيت کي قائم رکڻ ۽ شھرين کي ٿوري وقت اندر انصاف مھيا ڪري ڏيڻ لاءِ عدالتي نظام ۾ سڌارو آندو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.