عمران خان ڄاڻي واڻي فوج کي نشانو بڻايو، سائفر معاملي تي پاڪ- آمريڪا لاڳاپا متاثر ٿيا: خاص عدالت جو فيصلو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي ابو الحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جو 77 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ عدالت لکيو آهي ته ٻنهي ڏوهارين پاڻمرادو مسئلا پيدا ڪيا، همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ بي يارو مددگار بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي، فيئر ٽرائل جو حق چالاڪ جوابدار لاءِ ناهي.
عدالت چيو ته سائفر کي پنهنجي لاءِ استعمال ڪيو ويو جنهن جو اثر پيو، عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير طور پنهنجي عهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن ڪري پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي نقصان پهتو.
فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڳالهايو، اعظم خان جو بيان سچائي تي ٻڌل هو جنهن پراسيڪيوشن جي دليلن کي مضبوط بڻايو، سائفر ذريعي ٻين ملڪن سان رابطي واري نظام جي سالميت تي سوديبازي ڪئي وئي، سائفر واري معاملي سبب ٻين ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيا جنهن جو دشمنن کي فائدو ٿيو.
عدالت چيو ته آمريڪا پنهنجي ردعمل ۾ ٽي ڀيرا چيو ته پي ٽي آءِ باني جو بيان حقيقت تي ٻڌل ناهي، آمريڪا کانپوءِ عمران خان ڪوڙ ڳالهايو ته سازش تحت سندس حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ پاڪ فوج کي نشانو بڻايو.
اعظم خان مئجسٽريٽ آڏو بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي سمجهايو هو، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت به کيس آگاهه ڪيو هو، پر عمران خان ڪن لاٽار ڪندو رهيو ۽ جلسا توڻي سوشل ميڊيا تي مهم هلائي.
عدالت چيو ته عمران خان وزيراعظم هو، هن پنهنجي عهدي جي به ڀڃڪڙي ڪئي، سائفر واري معاملي سبب ملڪ کي عالمي سطح تي سخت نقصان پهتو جنهن ڪري معيشت ڪمزور ٿي وئي، عمران خان ۽ شاهه ۾محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي.
شاهدن موجب، شاهه محمود قريشي جلسن ۾ سائفر واري معاملي تي ماڻهن کي ورغلايو، عمران خان ۽ شاهه محمود سائفر ڪيس ۾ پنهنجو پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا جڏهن ته پراسيڪيوشن ٻنهي خلاف سائفر ڪيس کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي.
عدالت جي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني سائفر پرڏيهي وزارت کي واپس نه اُماڻيو، سائفر ڪيس 17 مهينن جي جاچ کانپوءِ داخل ڪيو ويو، جاج مان ثابت ٿيو ته ڪيس دير سان داخل ناهي ڪيو ويو، وزيراعظم طور عمران خان جي ذميواري هئي ته سائفر واپس ڪري، پرڏيهي وزارت وزيراعظم کان سائفر واپس نه ٿي گهري سگهي، هنيئر تائين عمران خان سائفر واپس ناهي ڪيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس سائفر بابت آهي جيڪو پرڏيهي وزارت کي واشنگٽن کان مليو، سائفر انتهائي حساس دستاويز آهي جنهن سان آمريڪا، پاڪستان جو هڪ ٻئي تي ڀروسو به جڙيل آهي، 25 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا پر صفائي وارا وڪيل غير سنجيدا نظر آيا، 27 جنوري تي صفائي وارا وڪيل غير حاضر رهيا، جڏهن ته سرڪاري وڪيل موجود هئا.
لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي سرڪاري وڪيل سان بدتميزي ڪئي ۽ فائل اُڇلائي ڇڏيا، صفائي واري وڪيل عثمان گل، علي بخاري جي پهچڻ تي آڏي پڇا جي تياري لاءِ وقت ڏنو، جڏهن آڏي پڇا جو چيو ته وڪلين انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ سرڪاري وڪيل آڏي پڇا ڪئي، پراسڪيوشن نه رڳو شاهدن پر دستاويزن تي ٻڌل ثبوت پڻ پيش ڪيا، رڪارڊ تي اهڙو ڪجهه ناهي جنهن مان ثابت ٿئي ته پراسيڪيوشن جي شاهدن ۾ کوٽ رهجي وئي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جا مختلف وڪيل آيا، درخواستون ڏئي دير جا حربا استعمال ڪيا ويا، ٻنهي جي وڪيلن قانون کي مذاق بڻايو، ڪيس جي ڪاپين جي فراهمي ۽ فرد جرم تي ٻنهي صحيحون نه ڪيون،عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جو رويو عدالت ۾ اڻوڻندڙ رويو اختيار ڪيو.
جج ابوالحسنات ذوالقرنين فيصلي ۾ لکيو آهي ته پي ٽي آءِ باني شاهه محمود قريشي 342 جا بيان ڏنا پر صحيح نه ڪئي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اڳوڻي پرڏيهي وزير مان اهڙي رويي ۽ دير جي حربن جي اميد نه هئي، فيئر ٽرائل ڪيو، ڏوهارين کي آڏي پڇا جو مڪمل موقعو ڏنوويو پر ڄاڻي واڻي آڏي پڇا نه ڪئي وئي.
ياد رهي ته سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل خاص عدالت ٻه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه ۾محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ ڏهه، ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.