آمريڪا پاران پي ٽي آءِ جي چونڊ ريلي تي دهشتگرد حملي جي مذمت

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي چونڊ ريلي تي حملي جي مذمت ڪندي متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران ميٿيو ملر چيو ته پاڪستانين کي بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجو ليڊر چونڊڻ جو حق حاصل آهي.
هن چيو ته گذريل مهيني ٻين سياسي جماعتن تي به حملا ٿيا، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جو عملو به ڪيترن ئي هنڌن تي حملن جي زد ۾ آيو.
ترجمان موجب، آمريڪا، پاڪستان ۾چونڊ عمل کي نقصان پهچائڻ واري ڪنهن تشدد جي مذمت ڪري ٿو
ميٿيو ملر جو چوڻ هو ته هو پاڪستان ۾ صاف ۽ شفاف چونڊ عمل ڏسڻ چاهين ٿا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان سهڪار جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.