پاڪستان کي جن دهشتگرد عنصرن مان خطرو آهي اهي افغانستان ۾ لِڪل آهن: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان کي جن دهشتگرد عنصرن مان خطرو آهي اُهي افغانستان ۾ لِڪل آهن.
پرڏيهي کاتي جي هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان ممتاز زهرا بلوچ ٻڌايو ته ايران جي پرڏيهي وزير 29 جنوري تي پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، آرمي چيف ٻين سان ملاقاتون ڪيون.
ترجمان چيو ته ايران ۾ پاڪستاني شهرين جو قتل غير انساني عمل آهي، پاڪستان ۽ ايران ان جي مذمت ڪئي آهي.
هن چيو ته پاڪستاني شهرين جي قتل بابت ايران سان ويجهي رابطي ۾ آهيون ۽ اميد آهي ته ايران واقعي جي جاچ کانپوءِ پاڪستان کي ڄاڻ فراهم ڪندو.
ممتاز زهرا چيو ته گذريل هفتي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستاني شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڀارتي شهرين جي ملوث هئڻ جا ثبوت ڏنا، ڀارت، پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، پاڪستان انهن ملڪن سان رابطي ۾ آهي جتان کان ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي.
ترجمان چيو ته پاڪستان کي غزا ۾ جاري اسرائيلي فوج جي جارحيت تي سخت ڳڻتي آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي جي فلسطيني پناهگيرن لاءِ فنڊنگ جي معطلي واري فيصلي تي به ڳڻتي آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان سائفر ڪيس بابت فيصلي تي تبصري کان پاسو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.