قائداعظم ٽرافي 26-2025 جي شيڊيول جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي سڀ کان وڏي ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ قائداعظم ٽرافي 26-2025 جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب قائداعظم ٽرافي جو 68هون ايڊيشن 6 آڪٽوبر سومر کان شروع ٿيندو، 46 فرسٽ ڪلاس ميچون پشاور، ايبٽ آباد، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ٿينديون، سيالڪوٽ ريجن جي ٽيم ٽورنامينٽ ۾ ٽائيٽل جو دفاع ڪندي.
ٽورنامينٽ ۾ 9 رائونڊ کيڏيا ويندا، هر رائونڊ ۾ 5 ميچون هونديون، ليگ اسٽيج جي پڄاڻي تي ٻه ٽاپ ٽيمون فائنل ۾ آمهون سامهون ٿينديون.
فائنل 29 نومبر کان 2 ڊسمبر تائين کيڏيو ويندو، ٽورنامينٽ کٽيندڙ ٽيم کي 75 لک رپيا، جڏهن ته رنر اپ کي 40 لک رپيا ملندا.
قائداعظم ٽرافي جي هر رائونڊ ۾ 10 انڊر 21 رانديگر ايڪشن ۾ هوندا، هر ٽيم لاءِ پنهنجي پليئنگ اليون ۾ هڪ انڊر 21 رانديگر کيڏائڻ لازمي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.